مصطفيٰ نواز بلاول ڀٽو جي ترجمان طور استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي

مصطفيٰ نواز بلاول ڀٽو جي ترجمان طور استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽر مصطفيٰ نواز کھوکھر چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو جي ترجمان جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي پي پي نه ڇڏي آهي.هن وڌيڪ چيو ته هو هر خوشي ۽ غم ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ بيٺو آهي، ملڪ ۽ پارٽي جي مفاد ۾ صلاح  مشورا ايمانداري ۽ خلوص سان هڪ ترجمان جي حيثيت سان صلاح ڏيندو رهيس.

پهنجو تبصرو موڪليو