مصطفيٰ قتل ڪيس، ارمغان ۽ شيراز جي رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ

مصطفيٰ قتل ڪيس، ارمغان ۽ شيراز جي رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي جسماني ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي,ڪيس جي جاچ آفيسر جوابدار جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جاچ آفيسر چيو ته سيڪشن 164 تحت ارمغان جي ٻن ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن ۽ ملزم ارمغان جي گهر مان مليل هٿيارن ۽ ليپ ٽاپ جو فارنزڪ تجزيو ڪرڻو آهي. ٻڌڻي دوران جوابدار ارمغان عدالتي ڪمري ۾ بيهي رهيو، ان موقعي تي ملزم ارمغان کي بينچ تي ويهاريو ويو ۽ کيس پاڻي ڏنو ويو.عدالت ملزم ارمغان کان پڇيو ته ڇا هو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو. ملزم ارمغان عدالت جي ڪمري ۾ روئڻ لڳو، جڏهن ته سندس پيءُ به ملزم ارمغان کي ڏسي روئڻ لڳو.پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار هاءِ ڪورٽ ۽ اي ٽي سي ڪورٽ ٽو ۾ ساڳئي طرح ڪري پيو هو، جڏهن جوابدار ارمغان جو طبي معائنو ٿيو ته هو مڪمل طور تي صحتمند هو.ملزم ارمغان الزام لڳايو ته کيس کاڌو به نه ڏنو پيو وڃي.جوابدار ارمغان جي ماءُ طرفان طاهر رحمان تنولي جو وڪالت نامو پيش ڪيو.عدالت جوابدار ارمغان کان پڇيو ڇا هي توهان جو وڪيل آهي؟” ملزم ارمغان چيو، نه، هي منهنجو وڪيل ناهي. مون کي اڳ ۾ به ٺڳي ڪري دستخط ڪرايا ويا، جوابدار شيراز جي وڪيل چيو ته جوابدار شيراز جو هن ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، جوابدار جي گهر تي ليڊي پوليس آفيسر کان سواءِ ڇاپو هنيو ويو، پوليس شيراز جي ڀيڻ جو ليپ ٽاپ به پاڻ سان گڏ کڻي وئي، مون کي پاور آف اٽارني تي صحيح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.ٻڌڻي دوران، عدالت اهو به هدايت ڪئي ته ملزم شيراز جو طبي معائنو ڪرايو وڃي.عدالت جوابدار شيراز سان ملاقات لاءِ ڀيڻ جي درخواست واپس ڪري ڇڏي.ملزم شيراز جي ڀيڻ جي وڪيل ملاقات جي درخواست جمع ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو