رياض (ويب ڊيسڪ)حرمين شريفين ۾ 29 هين رات قرآن خواني جي آخري محفل منعقد ٿي، جڏهن ته مسجد نبوي ۾ به تراويح جي موقعي تي روح پرور منظر ڏسڻ ۾ آيا.امام الحرام شيخ عبدالرحمان السديس مسجد الحرام ۾ قرآن خواني کانپوءِ فاتحه خواني ڪئي.عرب ميڊيا رپورٽن موجب مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 29 هين تراويح ۽ خاتم قرآن جي نماز ۾ 3 لک ماڻهن شرڪت ڪئي.سعودي ميڊيا موجب رمضان المبارڪ جي 29 هين رات مسجد الحرام ۾ 25 لک کان وڌيڪ ماڻهن مڪمل قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي.نماز دوران ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا، حرم جي امام شيخ عبدالرحمان السديس امت مسلمه خاص ڪري سعودي عرب ۽ مسلمان ملڪن جي لاءِ دعا ڪئي










