مزدور پريشان آهن، ايس او پيز هيٺ شادي هال کوليو

مزدور پريشان آهن، ايس او پيز هيٺ شادي هال کوليو

شھدادڪوٽ( ڊ   ر )آل ڊيڪوريشن اينڊ شادي هال ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي ڊويزن جي اڳواڻن ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪري وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کان ايس او پيز تحت روزگار کولڻ جو مطالبو ڪيو آھي، شھر جي مزدورن شادي ھال ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊويزنل صدر نثار الله شيخ,جنرل سيڪيريٽري مڪيش ڪمار,جوائنٽ سيڪريٽري عبدالوحيد شيخ,عش الله شيخ,ڊاڪٽر مجاھد اعواڻ,شاھد اعواڻ,زاھد منگي ۽ نياز منگي چيو ته سموري ملڪ جا  ڪاروبار کلي ويا آهن پر اڃان تائين شادي هالن ۽ ڊيڪوريشن واري ڪاوبار  تي پابندي لڳل  آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي, ھنن چيو ته گذريل پنجن مهينن کان ڪاروبار بند ھئڻ ڪري لکين ماڻهو پريشاني واري زندگي گذاري رھيا آهن پر سرڪار کي پورھيتن جي پريشاني جي پرواھ ئي نه آهي ,ھنن چيو ته ڪاروبار بند ھجڻ  ڪري دوڪانن,شادي ھالن جون مسواڙون توڙي ڪاروبار سان سلھاڙيل ملازمن جون پگھارون به رھجي ويون آهن جنهن ڪري اھي به سخت پريشان آھن ,ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايس او پيز تحت باعزت طريقي سان روزگار ڪرڻ جي اجازت ڏيئي معاشي تنگي کان بچايو وڃي, هنن چيو ته شادي هالن ۽ ڊيڪوريشن جي دڪانن تي لڳل پابندي خلاف 13 جولاء تي پريس ڪلبن آڏو اعلانيل ملڪگير احتجاجي تحريڪ کي ھر صورت ۾ ڪامياب ڪرڻو آهي ته جيئن حڪومت روزگار کولڻ جي اجازت ڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو