لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب مريم نواز کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ 26 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس موجب مريم نواز کي جاتي امراءَ ۾ 15سئو ڪئنال ايراضي جي غيرقانوني منتقلي جي جاچ جي لاءِ گهرايو ويو آهي. نيب جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته شريف فيملي 2013 ۾ تقريبن ساڍا 3 هزار ڪئنال ايراضي انتظاميه جي مدد سان حاصل ڪئي ۽ بيورو ڪريسي جي مدد سان 2015 ۾ لاهور جو ماسٽر پلان ئي تبديل ڪرايو ويو.نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس موجب آفيسرن ۾ ان وقت جي ڊي سي او نورالامين مينگل ڊي جي ايل، ڊي اي احد چيمه ۽ ٻيا شامل آهن.نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انتظاميه جي مدد سان جاتي امراءَ ۾ هزارين ڪئنال ايراضي کي گرين لينڊ ايريا کي ڊڪليئر ڪرايو ويو.نيب لاهور جي نوٽيس ۾ مريم نواز کي سمورو گهربل رڪارڊ گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










