لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سڀني شهرن ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير جي حڪم کان پوءِ هاڻي اورنج لائن ٽرين، ميٽرو بس سروس، اسپيڊو بس جي مسافرن کي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.شهرين کي گرين اليڪٽرو بس ۾ سفر ڪندي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پڻ هارين کي ڊيزل تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.مريم نواز چيو ته ڏکين حالتن ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، غير معمولي حالتن ۾ شهري ذاتي گاڏين جي بدران پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن.هن چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ دنيا عالمي معاشي بحران جو شڪار آهي، جيئن ئي صورتحال بهتر ٿيندي ته عوام معاشي بار کان آزاد ٿي ويندا.هڪ مهيني ۾ اربين رپين جو رليف فراهم ڪري وزيراعظم عوام کي مشڪلاتن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف بدترين معاشي صورتحال ۾ عوام کي رليف ڏنو.










