لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف جرمني جي سفير اناليپل سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي قدم، ماحولياتي تبديلي، جديد زرعي ۽ گرين ٽيڪنالاجي، هنرمند ماڻهن جي ڏي وٺ، تعليم ۽ تربيت جهڙي اهم شعبن تي ڳالهيون ٿيون.وزيراعليٰ مريم نواز جرمن سفير جي آجيان ڪندي تازو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان پوءِ جرمني طرفان يڪجهتي ۽ فوري تعاون جي پيغام جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سرحد پار اسموگ، ٻوڏ جهڙن چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جرمني جي ٽيڪنيڪل مدد اهم ثابت ٿي سگهي ٿي.مريم نواز جرمني جي ڊويزنل ووڪيشنل ٽريننگ ماڊل جي تعريف ڪندي انهي ماڊل تي پنجاب ۾ وڌيڪ تعاون جي آجيان ڪئي. هن چيو ته جرمني ويمن ايمپاورمينٽ، سماجي تحفظ، انساني ترقي ۽ گرين ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان جو پراڻو ڀائيوار آهي.وزيراعليٰ مريم نواز ٻڌايو ته 2024 ۾ پاڪستان ۽ جرمني جو ٻطرفو واپار 3.63 بلين ڊالر رهيو جنهن ۾ پاڪستان جو واپاري توازن مثبت رهيو. هن وقت پاڪستان ۾ 40 جرمن ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي روزگار جا موقعا پيدا ڪري رهيون آهن. هن زور ڏنو ته اهڙن لاڳاپن کي صوبائي سطح تي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.ملاقات ۾ تعليم، جرمني ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگرد ۽ نصاب ۾ جدت تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعليٰ مريم نواز لاهور ۾ قائم انا ميري شممل هائوس جي خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ راندين کي هٿي ڏيڻ ۾ جرمني جي تعاون کي خوشي جوڳو قرار ڏنو. هن جرمن جونيئر هاڪي ٽيم جي تازي لاهور جي دوري کي راندين جي ڏي وٺ جو سٺو سنئوڻ قرار ڏنو.ٻوڏ صورتحال تي ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته ٽن دريائن ۾ هڪ ئي وقت مٿانهين درجي جي ٻوڏ ۽ مسلسل برساتن سبب پنجاب وڌيڪ متاثر ٿيو، پر پنجاب حڪومت وقت تي لڏ پلاڻ، ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جي ذريعي لکين جانورن کي بچايو. 2.2 ملين چوپائي مال کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته فيلڊ اسپتال، ڪلينڪ آن ويل ۽ فلڊ رليف ڪيمپن به صحت جي ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.جرمن سفير واسا ايڪسپو جو دورو به ڪيو ۽ انهي ۾ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پنجاب جي ڏوراهين علائقن ۾ ٻوڏ جي باوجود حڪومت جيڪي مثالي ڪم ڪيا اهي تعريف جوڳا آهن.










