اسلام آباد(بيورو)اورنگزيب کي هراسان ڪندڙ 14 پاڪستانين جي ڊيٽا حاصل ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب گرفتار ٿيلن ۾ 4 عورتون ۽ 10 مرد شامل آهن، جن جي شهريت جا تفصيل به حاصل ڪيا ويا آهن. هاڻي انهن ماڻهن جا پاڪستان طرفان جاري ڪيل سمورا ڪيرڪٽر سرٽيفڪيٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت ۽ مختلف پوليس آفيسرن پاران جاري ڪيل ڪيرڪٽر سرٽيفڪيٽ انهن ماڻهن جا پاسپورٽ ۽ پاسپورٽ رد ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. گهرو وزارت حاصل ڪيل سموري معلومات ڪابينا ۾ پيش ڪندي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ مريم اورنگزيب کي لنڊن جي ڪافي شاپ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران گهرايو ويو هو، جنهن دوران نازيبا ٻولي پڻ استعمال ڪئي وئي هئي.










