گلگت(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ خطاب ڪندي چيو ته آزادي کان پوءِ هن خطي تي ايف سي آر جو نظام مڙهيو ويو، پر اڄ به گلگت بلتستان جا ماڻهو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪن ٿا، جن هتي سڌارا آندا.
بلاول ڀٽو چيو ته صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ گلگت بلتستان کي انتظامي صوبي جي حيثيت، مڪمل انتظامي ڍانچو، الڳ سڃاڻپ ۽ نالو ڏنو ويو.
هن چيو ته هاڻي گلگت بلتستان ۾ نئين نسل جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهي آهي ۽ اها نسل هن تحريڪ کي قومي سطح تي وٺي ويندي. منهنجي خواهش آهي ته عبوري بنيادن تي ئي سهي، گلگت بلتستان جي عوام کي آئيني حق ڏنا وڃن. مان اهو ڏينهن ڏسڻ چاهيان ٿو، جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ مون سان گڏ گلگت بلتستان جا نمائندا به موجود هجن، ۽ اهو ڏينهن هاڻي گهڻو پري ناهي.
پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته سندن پارٽي کي جيڪو مينڊيٽ مليو آهي، اهو ٽن بنيادي اصولن تي ٻڌل آهي، يعني حق حاڪميت، حق ملڪيت ۽ حق روزگار. اهو گلگت بلتستان جي عوام جو مينڊيٽ آهي، ۽ هاڻي اسان جي ذميواري آهي ته رياست پاڪستان، وفاقي حڪومت ۽ سڀني سياسي پارٽين کي هڪ صفحي تي آڻي اتفاق راءِ سان آئيني حقن ۽ حق حاڪميت بابت ڪيل واعدو پورو ڪريون.
هن چيو ته حق ملڪيت بابت پيپلز پارٽي جو واعدو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام کي جبل جي چوٽيءَ کان وٺي درياهه جي ڪناري تائين پنهنجي زمين جي ملڪيت جو حق ڏنو ويندو. اهو عمل جمهوري مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، جيئن ملڪيت سان گڏ معاشي فائدا پڻ عوام تائين پهچي سگهن.
بلاول ڀٽو تجويز ڏني ته قابلِ ڪاشت زمينن جي مالڪن کي ننڍن هارين جي گڏيل فارمنگ ڪليڪٽوز قائم ڪرڻ گهرجن، جيئن کين جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته غيرآباد زمينن تي به عوام جو حق ملڪيت تسليم ڪيو ويندو ۽ اهي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي وڏا ترقياتي منصوبا شروع ڪري سگهندا. ان حوالي سان آخري فيصلو گلگت بلتستان جي عوام جو هوندو.
گلگت بلتستان جي وڏي وزير امجد ايڊووڪيٽ پارٽي منشور موجب ميرٽ تي روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هتي ميرٽ جي وڏي اهميت آهي ۽ اسان ڪنهن کي به ميرٽ تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، آزاد اميدوارن، آءِ پي پي، ايم ڊبليو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي انهن اميدوارن جا ٿورا مڃيا، جن پاڪستان پيپلز پارٽي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪندي حڪومت سازي ۾ سهڪار ڪيو.
هن چيو ته هي حڪومت سڀني سياسي جماعتن ۽ هر شهري جي حڪومت آهي، جڏهن ته وڏي وزير امجد ايڊووڪيٽ جي نظر ۾ ڪنهن به ڪارڪن سان فرق نه ڪيو ويندو.
هن سياري کان اڳ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي چيو ته بلدياتي چونڊون سياسي تربيت جون نرسريون هونديون آهن، جتان نئين قيادت جنم وٺندي آهي.
بلاول ڀٽو گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي انتهائي اوچين ۽ ڏکين سرحدن تي وطن جي دفاع ۾ مقرر پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪيو.
هن ڀارت کي مخاطب ڪندي چيو ته مودي حڪومت کي پاڪستان جي هٿياربند فوج تاريخي شڪست ڏني آهي، جيڪا هو اڃا تائين برداشت نٿي ڪري سگهي. هاڻي اها اسرائيلي طرز تي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي سازش ڪري رهي آهي، جيئن اسرائيل ايران ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جيئن ايراني عوام ان سازش کي ناڪام بڻايو، تيئن پاڪستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا ماڻهو به ڀارت جي هر سازش کي ناڪام بڻائيندا.
هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڀارت افغانستان جي رستي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ مداخلت ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته سندس خراب نظر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تي به آهي، پر اها سازش ڪامياب نه ٿيندي.
بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت هاڻي سنڌو درياهه کي پاڪستان خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ٿيندو. گلگت بلتستان کان لاڙڪاڻي تائين عوام جو نعرو آهي: “مرسُون مرسُون، سنڌو نه ڏيسُون.” سنڌ طاس معاهدي جي محاذ تي به اسان ڀارت کي ناڪام بڻائينداسين.
هن چيو ته 1947ع وارو حڪمراني جو نظام 2026ع ۾ نٿو هلي سگهي. ڪو به ڪشميري، گلگت بلتستان جو شهري يا پاڪستاني ڪشمير جي جدوجهد تي عالمي سطح تي سمجهوتو نه ڪندو. هن جدوجهد کي برقرار رکندي عبوري بنيادن تي گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌيڪ حق حاڪميت، حق ملڪيت ۽ حق روزگار ڏئي سگهجن ٿا.
هن چيو ته اڄ نه ته سڀاڻي، هي نئين نسل جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي.
بلاول ڀٽو زرداري ايران جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان ايران جي بهادر عوام کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن فوجي محاذ تي اسرائيلي جارحيت کي ناڪام بڻايو ۽ دنيا آڏو ثابت قدمي جو نئون مثال قائم ڪيو.










