ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي آبادي 23 ڏينهن ۾ 26 لک کان وڌي وئي.شماريات کاتي موجب ستين ڊجيٽل آدمشماري جو عمل جاري آهي، جنهن دوران سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 62 لک کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي آبادي 186 لک 10 هزار کان وڌي وئي آهي. شهر جي آبادي ۾ 23 ڏينهن ۾ 26 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي.شماريات کاتي موجب حيدرآباد جي آبادي 1 ڪروڙ 21 لک 14 هزار ۽ لاڙڪاڻي ۾ 8 لک 55 هزار ماڻهو ڳڻيا ويا آهن، جڏهن ته سکر ڊويزن ۾ هن وقت تائين 63 لک 34 هزار ماڻهو ڳڻيا ويا آهن.ان کان علاوه شهيد بينظير آباد ۾ 60 لک 75 کان وڌيڪ ماڻهو ڳڻيا ويا آهن ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي 50 لک 51 هزار تائين پهچي وئي آهي.










