ڪراچي (رپوٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول جي وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جناح اسپتال جي طبي سهولتن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) بابت آگاھي ڏيندي ٻڌايو ويو تھ جناح اسپتال ۾ موجود بيڊر جي تعداد 2208 آھي ۽ ايندڙ مالي سال 23-2022ع لاءِ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾ نئين بسترن جو تعداد مطابق ٻيڻو بجٽ مختص ڪيو ويو آھي. ڇڏي. ان موقعي تي وڏي وزير پاران دوائن، جراحي ۽ ڊسپوزيئيبل شين سميت طبي گيسز جي ذخيرن ۾ واڌ لاءِ فنڊز ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني. ايندڙ سال اسپتال ۾ ٻه روبوٽڪ سرجريءَ جا يونٽ قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي به ھدايت ڪئي وئي. مستقبل ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ حفاظتي اپائن ۾ واڌ ڪئي ويندي. جڏھن تھ ھائوس آفيسرن لاءِ اضافي 100 سلاٽ ٺاھيا ويا آھن. وڏي وزير سمورن ڪيڊرز ۾ ڊي پي سي واري درخواست بھ منظور ڪئي. رول (اي) تحت جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي سي ايم يو) ذريعي ٽيچنگ فيڪلٽي جي ضرورت آھي جنھن لاءِ وڌيڪ پروفيسرز، ايسوسيئيٽ پروفيسرز ۽ اسسٽنٽ پروفيسرز بھ مقرر ڪيا ويندا.










