مذهبي پارٽي جو احتجاج، پوليس پاران گرفتاريون جاري

مذهبي پارٽي جو احتجاج، پوليس پاران گرفتاريون جاري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مذهبي پارٽي جي پرتشدد احتجاج ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ جيو فينسنگ ۽ سي سي ٽي وي کان مدد وٺڻ شروع ڪري ڇڏي.پوليس موجب لاهور مان مريد ڪي تائين مذهبي پارٽي جي پرتشدد احتجاج ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ جيو فينسنگ ۽ سي سي ٽي وي جي مدد ورتي ويندي.پوليس موجب مختلف ڪيسز ۾ هينئر تائين 253 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته مريدڪي ۾ گرفتارين جي لاءِ جيو فينسنگ ۽ سي سي ٽي وي جي مدد وٺي رهيا آهيون.پوليس موجب ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي لاءِ موبائل فارنزڪ به جاري آهي جڏهن ته گرفتار جوابدارن جي واٽس ايپ گروپس ۾ شامل ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل به جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيسز ۾ دهشتگردي، قتل جو ارادو، ڦر سميت پوليس مقابلي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو