مذهبي جذبن کي تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي

مذهبي جذبن کي تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۾ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي۔
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير راولپنڊي ۾ اهل تشيع عالمن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي سلامتي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي بابت خيال ونڊيا ويا۔
هن موقعي تي فيلڊ مارشل چيو ته اتحاد، رواداري ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۾ عالمن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ۽ غلط معلومات ۽ فرقيوارانه بيانين کي روڪڻ لاءِ عالمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ٻيهر زور ڏنو ته پاڪستان ۾ تشدد جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، ۽ مذهبي جذبن کي تشدد لاءِ استعمال ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو۔
هن وڌيڪ چيو ته افغان طالبان پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪين، ۽ پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو؛ دهشتگردن ۽ انهن جي ٺڪاڻن کي جتي به هوندا نشانو بڻايو ويندو۔
آءِ ايس پي آر موجب عالمن طرفان تشدد جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي ادارن جي حمايت جو اعلان پڻ ڪيو ويو۔
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن “غضب للحق” بابت فيلڊ مارشل دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جو عزم پڻ ظاهر ڪيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو