ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليو جا ڦڙا نه پيارن تان ڪجهه شرپسندن جا پوليو ٽيمن تي حملا، پوليس 20 کان مٿي وڳوڙين کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيترائي حملي آور روپوش، سندن گرفتارين لاءِ ڇاپا جاري. چيف سيڪريٽري پاران آءِ جي پوليس کي، پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ فوري اپاءَ وٺڻ جي هدايت. ڪياماڙي جي ايس ايس پي ڪيپٽن(ر) فيضان علي موجب خميس تي شير شاهه محمدي روڊ تي پوليو ٽيم سان آفريدي قبيلي جي ماڻهن بدتميزي ڪندي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو ۽ وڳوڙين پوليو ٽيم کي مارڪٽ به ڪئي. جنهن بعد پوليس موقعي تي پهچي عابد ۽ عامر آفريدي ۽ حسنين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 2 ڄڻا ٻيا فرار ٿي ويا. پوليس سندن خلاف دهشتگردي ٽوڙ قانون هيٺ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ٻ.ي پاسي ڪراچي اولهه ۾ سچل جي علائقي ۾ 20 کان 25 ماڻهن پوليو ٽيم تي حملو ڪيو، اطلاع تي پوليس پهتي ته مڇريل ماڻهن پٿراءَ ڪري پوليس موبائيل جا شيشا ڀڃي ڇڏيا. پوليس موقعي تان 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. گلزار هجري ٿاڻي جي حد ۾ به پوليو ٽيم تي حملي جا اطلاع آهن جنهن ۾ محسود قبيلي جا ماڻهو ملوث آهن ۽ پوليس ڪيترن وڳوڙين کي گرفتار ڪيو آهي.










