ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نواب شاھ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪراچي کان لاھور ويندڙ شاھ حسين ٽرين جي ھيٺان اچي نوجوان فوت ٿي ويو . فوت ٿيندڙ جي سڃاڻپ 18 سالا قاسم علي ولد بادشاھ علي طور ٿي آھي جنھن جو لاش پي ايم سي اسپتال آندو ويو آهي. هوڏانهن ميرپور خاص مان سيدبشيرشاھ موجب ميرواھ روڊ ٻيرموري وٽ ڪوري ڪار موٽرسائيڪل کي بچائيندي شاخ ۾ ڪري پئي. جنهن سبب جھڏي واسي سيد برادري جا ٽي ماڻھون زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ ھڪ مرد ۽ ٻه عورتون ٻڌايو پيو وڃي.جڏهن ته هڪٻئي واقعي ۾ ٽنڊوجان محمد باء پاس تي واٽر سپلاء تلاءَ ڀرسان ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي وئي جنهن جي نتيجي م ڪار م سوار ھڪ عورت عظمت لغاري زخمي ٿي پئي. جنھن کي رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو جڏھن ته سندس مڙس نيڪ محمد لغاري معجزاڻي طور بچي ويو.










