محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ هڪ سال ۾ سڀني کان وڌيڪ رنز اسڪور ڪري محمد رضوان عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. سندس ڪاميابي جو جشن پوري ٽيم ملهايو ۽ رضوان ڪيڪ ڪاٽيو. سڀني رانديگرن سندس تعرف ڪئي ته رضوان کي جنهن نمبر تي موڪلي هو رنز ڪري ٿو ۽ بطور اوپنر هو ڪامياب ثابت ٿيو آهي.

https://twitter.com/TheRealPCB/status/1421799653469822980

اظهر علي چيو ته اڳ ۾ رضوان کي ٽي ٽوئنٽي ته ڇا پر سپر ليگ ۾ به چانس نه ملندو هو پر هن صبر سان محنت ڪري پاڻ مڃرايو آهي. 2021 ۾ 14 اننگز ۾ هن 752 رنز اسڪور ڪيا آهن ۽ اڃا 5 مهينا باقي آهن. هن مهل تائين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪنهن به پليئر جو هڪ سال ۾ هن فارميٽ ۾ اهو هاءِ اسڪور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو