ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ محرم الحرام 1448ھ/2026ع دوران امن ۽ امان جي صورتحال ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبي ڀر ۾ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي اپاءُ، ڪنٽيجنسي پلان، انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن، جلوسن ۽ مجلسن جي تحفظ ۽ هنگامي ريسپانس ميڪنزم جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گهرو وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته محرم الحرام دوران امن ۽ امان قائم رکڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضلعن، جي رينجز ۽ پوليس زونز کي پنهنجو سيڪيورٽي پلان، ڪنٽيجنسي اپاءُ ۽ ريسپانس ميڪنزم وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ گهرجي. هن هدايت ڪئي ته حساس جلوسن، مجلسن ۽ مذهبي اجتماعن جي سيڪيورٽي تي خاص توجه ڏني وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ جي گهرو هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز، سرچ اينڊ ڪومبنگ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري جو وقت تي تدارڪ ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق، سيڪيورٽي هدايتن ۽ حڪومتي حڪمن تي سختي سان عمل يقيني بڻايو وڃي. هن زور ڏنو ته امن ڪميٽين، علماءِ ڪرام، ذاڪرين ۽ جلوسن ۽ مجلسن جي منتظمين سان مسلسل رابطو رکيو وڃي. اجلاس دوران گهرو وزير سنڌ اشتعال انگيز، نفرت انگيز ۽ فرقه وارانا تقريرن ۽ مواد جي موثر نگراني جي ضرورت تي زور ڏيندي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي کي خاص هدايتون جاري ڪيون ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز، عوامي اجتماعن، مجلسن ۽ ٻين سرگرمين جي مسلسل مانيٽرنگ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته اشتعال انگيز، نفرت انگيز يا فرقه وارانو مواد پکيڙڻ، قانون شڪني تي اڪسائڻ يا امن ۽ امان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن خلاف بغير امتياز ۽ فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.ضياء الحسن لنجار وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀني ضلعن ۾ سي ٽي وي مانيٽرنگ سسٽمز، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽرز ۽ ايمرجنسي ريسپانس يونٽس کي مڪمل طور فعال رکيو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ۽ موثر ردعمل ڏئي سگهجي. هن چيو ته سنڌ پوليس محرم الحرام دوران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ امن و امان جي قيام لاءِ مڪمل طور الرٽ رهندي. سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران مرڪزي ۽ حساس جلوسن جي موثر نگراني لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي. هن چيو ته جلوسن جي رستن، حساس هنڌن ۽ هجوم جي مانيٽرنگ لاءِ ڊرونز جي استعمال بابت جامع سفارشون فوري طور سنڌ جي گهرو کاتي ڏانهن موڪليون وڃن. سنڌ جي گهرو وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته ٽريفڪ پوليس وٽ موجود ڊرونز کي به محرم الحرام جي سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هوائي نگراني، ٽريفڪ جي رواني، هجوم جي انتظام ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي وقت تي نشاندهي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته جديد نگراني نظام جي موثر استعمال سان سيڪيورٽي اپاءَ وڌيڪ مضبوط ۽ مربوط ڪري سگهجن ٿا. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جلوسن ۽ مجلسن جي رستن تي سيڪيورٽي، بم ڊسپوزل سوئپنگ، اسنيپ چيڪنگ ۽ نگراني اپاءَ وڌيڪ موثر بڻايا پيا وڃن. هن چيو ته سيفي سٽي، سي پي او مانيٽرنگ سسٽم ۽ ضلعي ڪنٽرول رومن وچ ۾ مسلسل رابطو ۽ معلومات جي ڏي وٺ يقيني بڻائي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن به صورتحال تي فوري ردعمل ڏئي سگهجي.آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي باهمي تعاون سان سيڪيورٽي جا سڀئي ڪم مربوط ۽ موثر انداز ۾ اڳتي وڌايا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ريزرو نفري، ڪوئڪ ريسپانس فورس ۽ ايمرجنسي پلان کي مڪمل طور فعال رکيو ويو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي پوليس پاران محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جا جامع ۽ موثر انتظام حتمي شڪل ڏئي ڇڏيا آهن.اجلاس جي آخر ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار اهو عزم ورجايو ته سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا محرم الحرام دوران امن ۽ امان جي قيام، مذهبي هم آهنگي جي واڌاري ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ۾ آڻين، جڏهن ته عوامي تعاون، وقت تي اطلاعن ۽ گڏيل ڪوششون پائيدار امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، ايڊيشنل آءِ جي آپريشنز، ڪراچي جي سمورن زونل ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ سنڌ جي گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سعيد احمد ذاتي طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد رينجز جي ڊي آءِ جيز سميت سنڌ ڀر جي سڀني ضلعن جي ايس ايس پيز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ مختلف رينجز جي ڊي آءِ جيز محرم الحرام جي سيڪيورٽي انتظامن تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.










