اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پيپلز پارٽي هڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم کان پي ڊي ايم جو ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي جواب ۾ متحده معاملي کي رابطه ڪميٽي جو اختيار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته وزيراعظم پنهنجي ئي پارٽي جي ميمبرن تي شڪ ڪري رهيو آهي. ان ماڻهن اسان کي ووٽ ڏنا جنهن کي پئسن جي ضرورت نه هئي. 5 لک ووٽن وارن نمائندن جي لاءِ وڪائو جو لفظ استعمال ڪرڻ غلط آهي.هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اسان کي جيڪي ووٽ مليا اهي وزيراعظم جي خلاف اعتماد جو ووٽ هو. سينيٽ چونڊن کان پوءِ ملڪ ۾ جشن نظر اچي رهيو آهي. اسان آئيني طريقي سان سينيٽ جو اليڪشن وڙهيو. يوسف رضا گيلاني ايم ڪيو ايم کان گذارش ڪئي آهي ته پي ڊي ايم جو ساٿ ڏنو وڃي. آئين ۽ قانون جي لاءِ ايم ڪيو ايم کان تعاون جي درخواست ڪئي وئي آهي. جڏهن وزيراعظم هو ته آئين ۾ ترميم بابت ايم ڪيو ايم ڪافي ساٿ ڏنو. اسان جو وفد صوبائي سطح تي ايم ڪيو ايم سان ملي چڪو آهي.متحده جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ حتمي نتيجي تي پهچنداسين. حڪومت ٻيهر کان صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين نامزد ڪيو آهي. مشڪل وقت ۾ صادق سنجراڻي بطور چيئرمين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اڄ 3 سالن کان پوءِ خوشنصيبي آهي ته حڪومتي وفد اسان وٽ آيو.










