اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سرڪاري ذريعن موجب، پاڪستان متبادل ذريعن مان پئسن جو بندوبست ڪرڻ کان پوءِ يو اي اي کي 2 ارب ڊالر ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي جون تائين ڪل 4.8 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آهن، ۽ پاڪستان انهن ادائيگين جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.سرڪاري ذريعن موجب، پاڪستان متبادل ذريعن مان پئسن جو بندوبست ڪرڻ کان پوءِ يو اي اي کي 2 ارب ڊالر ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٻن دوست ملڪن کان 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي يقين دهاني ملي آهي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٽن مختلف فورمن ۾ گڏيل عرب امارات کي ڪل 3.5 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آهن. يورو بانڊ ڏهه سالن جي مدت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پختو ٿيو. يورو بانڊ هن هفتي ادا ڪيو ويندو. يورو بانڊ جو سائز 1.3 ارب ڊالر آهي.










