گھوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن شاھنواز ٽڳڙ ۽ رحيم بخش ٽڳڙ کي عمر قيد ۽ پنج ,پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جي اھڙي فيصلي کان پوء جوابدارن کي سکر جي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو .واضع رھي ته جوابدارن 2013 ۾ گھوٽڪي ڀرسان ڳوٺ اسلام ٽڳڙ جي رھواسي پنھنجي برادري جي ئي شخص پوليس اھلڪار محمد حيات ٽڳڙ کي قتل ڪيو ھو.










