ميرپورماٿيلو:(ن س) ميرپورماٿيلو شهر ۾ ڏينهن ڏٺي ٽرانسفارمر جي دڪان تي پنهنجي ئي برادري جي هٿياربند ماڻهن جي فائرنگ ۾ مستري ذوالفقار ڪولاچي قتل ٿي ويو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف مقتول جي وارثن جن ۾ عورتون ۽ مرد وڏي انگ ۾ شامل هئا انهن قتل ٿي ويل ذوالفقار ڪولاچي جو لاش کڻي ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس اڳيان نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. احتجاج ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿيڻ باوجود جوابدار اڃا تائين قانون جي گرفت کان ٻاهر آهن، جيڪو پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو، احتجاج ڪندڙن اختيارين کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن قاتلن جي گرفتاري ۾ وڌيڪ دير ڪئي وئي ته هو پنهنجو احتجاج جاري رکندا، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل پوليس ۽ ضلعي انتظاميا تي هوندي.










