ماهره خان ۽ فواد خان جي خوبصورت وڊيو وائرل

ماهره خان ۽ فواد خان جي خوبصورت وڊيو وائرل

لاهور (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ماهره خان جي اداڪار ۽ ماڊل فواد خان سان گڏ هڪ خوبصورت وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.سال 2023 پڄاڻي تي اچي رهيو آهي ۽ انهن مهينن دوران شادين جو سيزن پنهنجي عروج تي آهي.اهو ئي سبب آهي جو لباس جا وڏا ۽ ننڍا برانڊ به مشهور فنڪارن کان پنهنجي مشهوري لاءِ فوٽو شوٽ ڪرائين ٿا.هاڻ تازو ئي بلاڪ بسٽر ڊرامي سيريل ”همسفر“ جي جوڙي ماهره خان ۽ فواد جو نئون فوٽو شوٽ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ٻئي اداڪار گڏ خوبصورت نظر اچي رهيا آهن.هي تصوير فواد خان جي زال صدف فواد جي ڪپڙن جي برانڊ لاءِ ٺاهي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو