ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ سبزواري چيو آهي ته مارڪيٽ جنوري ۾ پنهنجي بلند ترين سطح کان هيٺ اچي وئي آهي،پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لسٽنگ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سود جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ سياسي صورتحال مارڪيٽ کي متاثر ڪري رهي آهي.فرخ سبزواري چوي ٿو ته ريڪوڊڪ جي صورتحال ۽ ڪمپني جا نتيجا پڻ مارڪيٽ کي متاثر ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اهو پڻ هڪ راز آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي صورتحال تيل جي قيمتن تي ڪيئن اثر انداز ٿيندي.










