اوٻاوڙو(ن س) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عمر شر ۾ ٻارن پاران راند کيڏندي راڪيٽ لانچر جو گولو چلهه ۾ اڇلائڻ سبب اوچتو ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نينگري بچي ولد سبزل شر ٿڏي تي فوت ٿي وئي ۽ جڏهن ته 3 ڄڻا ڄام شر، راشد شر، اربيلو شر زخمي ٿي پيا جنهن کي وارث عورتون تعلقه اسپتال کڻائي آيون جڏهن ته ٽن زخمين مان 2 نينگر 12 ورهين جو اربيلو شر ۽ 8 ورهين جو ڄام شر اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا ۽ جڏهن ته نينگر ڄام شر جي امڙ اسپتال ۾ اڀ ڏاريندڙ پار ڪڍي روئيندي رهي ۽ هوڏانهن ايس ايڇ او رائونتي غلام مصطفي ميراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جڏهن ته فوتي نينگري بچي شر ۽ اربيلو شر پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آهن ۽ نينگر ڄام شر سئوٽ آهي. ڪچي ۾ هلندڙ شر ۽ سيلرا تڪرار سبب ڪو مرد اسپتال نه پهتو ۽ زخمين کي وارث عورتون اسپتال کڻائي آيون.










