لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز شريف چيو آهي ته ماءُ جي محبت لاءِ هر لمحو ۽ 365 ڏينهن گهٽ آهن.اها ڳالهه پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چئي.سندس چوڻ آهي ته ماءُ جهڙي عظيم انسان سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن به ڌار نٿو ڪري سگهجي. پنجاب جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته کيس وڏي وزير جو عهدو ماءُ جي دعائن سان مليو آهي. حمزه شهباز جو اهو به چوڻ آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ قطر ۾ پنهنجي ماءُ سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس گڏ وقت گذاريو.










