اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي دفاع واري وزير خواجه آصف پي ٽي آءِ کي مشورو ڏنو آهي ته اڳواڻ جي رهائيءَ لاءِ احتجاج ضرور ڪريو پر اداري کي بي توقير (بدنام) نه ڪريو. وفاقي دفاع واري وزير خواجه آصف قومي اسمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته صدر زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ ٻين سزائون ڪاٽيون، اسان سسٽم کي داءُ تي نه لڳايو، سوا ٻن سالن ۾ ڪارروائيءَ جو محور تحريڪ انصاف لاءِ سندن ليڊر ئي رهيو آهي.خواجه آصف چيو ته هي ايوان جي ڪارروائيءَ ۾ حصو نه ٿا وٺن، هن اداري کي به هڪ شخص لاءِ نشانو بڻايو ويو، سندن رويو درست ناهي. دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته آزاد ڪشمير جي لفظ “آزاد” جي حفاظت پاڪستان ڪري رهيو آهي، آزاد ڪشمير لاءِ سڄي پاڪستان قربانيون ڏنيون آهن، ڪشمير جي اندر 25 ڪروڙ پاڪستانين جا مفاد (اسٽيڪس) وابسته آهن، سوا ٻه لک ڪشميري مهاجر سرحد پار ڪندي شهيد ٿيا ۽ توهان چئو ٿا ته انهن ماڻهن کان ووٽ جو حق کسيو وڃي. خواجه آصف چيو ته ان مسئلي کي اليڪشن ۾ ماڻهن وٽ کڻي وڃو ته جيئن اهي فيصلو ڪري سگهن، جيڪڏهن قانون هٿ ۾ کڻبو ته رياست ڪيئن خاموش رهي سگهي ٿي.










