لاڙڪاڻو(ن س) قومپرست ڪارڪن ۽ استاد هدايت الله لوهار جي قتل خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاج دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين بعد گرفتاريون ٿيون مقتول استاد هدايت الله لوهار جي نياڻين سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار سميت ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته سماجي اڳواڻ فوزيه سينگار کي به حراست ۾ ورتو ويو، سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل، پوليس مٿان تنقيد، پوليس تي اڳرائي جا الزام، پوليس جو چوڻ آهي ته مظاهرين جي پوليس تي حملي بعد گرفتاريون ڪيون ويون










