لورالائي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا

لورالائي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي لورالائي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي ماپيندڙ مرڪز (زلزله پيما مرڪز) موجب لورالائيءَ ۾ 4.4 شدت جو زلزلو آيو، جنهن جي گهرائي 12 ڪيلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جو مرڪز لورالائيءَ کان 31 ڪيلوميٽر اوڀر ۾ هو.لورالائيءَ ۾ زلزلي سبب شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ هو ڪلمو طيب پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.زلزلي سبب في الحال ڪنهن به قسم جي مالي يا جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو