عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ  جمع ڪرائي ڇڏي

عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي، سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين جي مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پاران 67 عورتن ۽ 11 اقليتي سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن لاءِ صنم جاويد، عاليه حمزه، ڪنول شوزب، روبينا شاهين، سيمبيا طاهر جو نالو ڏنو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اقليتي سيٽ لاءِ لال چند مالهي جو نالو ڏنو آهي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي مخصوص سيٽ لاءِ ياسمين راشد جو نالو ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو