نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)لبنان ۾ مقرر ڪيل گڏيل قومن جي امن فوج جو هڪ ڪارڪن اسرائيلي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو.عرب ميڊيا موجب، گڏيل قومن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته لبنان ۾ مقرر ڪيل پنهنجي عارضي امن فوج جي جڳهن تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ آفيسر زخمي ٿيو آهي، ۽ اهو حملو اسرائيل پاران هڪ جارحاڻي ڪارروائي هئي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته گڏيل قومن جي امن فوج (UNIFIL) ڏکڻ لبنان علائقي ۾ اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ فاصلو برقرار رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي.گڏيل قومن جي امن فوج واقعي جي وضاحت ۾ وڌيڪ چيو ته بسترا ڳوٺ جي ويجهو فائرنگ سان گڏ هڪ گرنيڊ ڌماڪو ٿيو.ياد رکڻ گهرجي ته آڪٽوبر جي مهيني ۾، اسرائيلي فوج پاران امن فوج تي گرنيڊ حملن جا ٽي مختلف واقعا رپورٽ ٿيا، جن ۾ هڪ آفيسر جي زخمي ٿيڻ جي خبر هئي.










