ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد راولپنڊي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهي چڪو هاڻي هو سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهيندو، مستقبل ۾ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، هن سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ڪري پنهنجو نقصان ڪندا، عمران خان جي اسمارٽ لاڪ ڊائون کي سڄي دنيا ساراهيو آهي، عمران خان جي قدمن کي ڪرڻ سان ڪو به حرج نه آهي، شيخ رشيد چيو آهي ته پهريان ئي چيو هو ته ن کان ش نڪرندي، هي به چيو هو ته آزاد ڪشمير ۾ پ پ گهڻيون ۽ ن ليگ گهٽ سيٽون کڻندي، اليڪشن وقت تي ٿيندي، پي ٽي آءِ هر روز بهتر پوزيشن ۾ اچي رهي آهي، هن چيو آهي ته نور مقدم ڪيس جي جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين، منهنجو وس پڄي ته ملزم کي گولي هڻان. جڏهن ته افغان سفير جي ڌيءَ بابت چارئي ٽيڪسي ڊرائيورز کان جاچ ڪئي،سڀ پورهيت آهن، غربت سبب کين ڇڏي ڏنو آهي، هن چيو آهي ته ڪجهه قوتون پاڪ چين واسطا ۽ سي پيڪ کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر ناڪام ٿي وينديون، ڪا به طاقت پاڪ چين لاڳاپا خراب نٿي ڪري سگهي ۽ چين جا لاڳاپا هماليه کان بلند آهن، شيخ رشيد چيو آهي ته بارڊر سيڪورٽي اسان وٽ آهي ۽ اسان ان کي ڏسي رهيا آهيون، جڏهن ته افغانستان تي گهرو وزارت بهتر موقف ڏئي سگهي ٿي. شيخ رشيد چيو آهي ته منهنجي زندگي جو مقصد نالا لئي منصوبو آهي، هي منصوبو ٺهندو ته ڀرپاسي جا ماڻهو سڪون ۾ رهندا، جڏنهن ته لئي ايڪسپريس جي تعمير سان ماڻهن جون زندگيون بدلجي وينديون، هن چيو ته اسان تعليم جي لاءِ گهڻو ڪيو ۽ ڪري رهيا آهيون، يونيورسٽي ٺاهي چڪا آهيون ۽ هڪ ٻي به ٺاهي رهيا آهيون. خطرو آهي پر خير آهي ڊڄڻ وارو ناهيان.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران