لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي جهيڙي ۾ وڏا ماڻهو ٽپي پيا، فائرنگ ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا، واقعو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ صديق آباد ۾ پيش آيو، اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي، امدادي ٽيمن جي مدد سان فوت ٿيل عورت جي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ انور خاتون جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ منظور ۽ صادق انار شامل آهن. منظور ۽ ديدار جي ٻارن ۾ جهيڙو وڌي ويو ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










