لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ لياقت آباد پوليس 6 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدار ٻارڙي سان ڪيترائي ڀيرا زيادتي ڪئي، ٻارڙي جي طبيعت خراب ٿيڻ تي پيءُ کي ٻڌايو.پوليس موجب پيءُ جي فرياد تي پوليس لياقت آباد جي آبادي ڀٽي ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن سليمان ۽ حسن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار يوسف فرار ٿي ويو، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










