لاهور: پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، هڪ فرار ٿي ويو

لاهور: پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، هڪ فرار ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پوليس مقابلي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا جڏهن ته هڪ فرار ٿي ويو.پوليس موجب، لاهور جي چوهانگ علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو، جنهن تي موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني. جوابي فائرنگ ۾ 2 شڪي موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته 1 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مارجي ويل جوابدار ڪاهنا ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ واقعن ۾ گهربل هئا پوليس فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو