لاهور پل  جو دورو، مزدورن کي سٺي اجرت ڏيڻ جي هدايت

لاهور پل جو دورو، مزدورن کي سٺي اجرت ڏيڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف عيد تي لاهور پل تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي 3 ڀيرا اجرت ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي تعمير هيٺ پل جو دورو ڪيو.ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته منصوبي کي اڍائي مهينن بدران هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي.چيف انجنيئر ايل ڊي اي اسرار سعيد وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اوور هيڊ برج جي ڊيگهه 540 ميٽر ۽ ويڪر 11.1 ميٽر آهي، ايل ڊي اي منصوبي جي ڪاٿو 1712 ملين رپيا آهي.وزيراعظم سي بي ڊي منصوبي تي ٽئين پارٽي کي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ سان عوام کي سهولت ملندي.شهباز شريف 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ٻن هفتن ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو