لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جا واڌو بل ۽ ٽيڪسون  چئلينج

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جا واڌو بل ۽ ٽيڪسون چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ)بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. درخواست ۾ شهري شيخ محمد لطيف درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ چيئرمين واپڊا ۽ چيئرمين نيپرا کي ڌر بڻايو ويو آهي.شيخ محمد لطيف طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ايف سي سرچارج، جي ايس ٽي، ٽي وي فيس ۽ اليڪٽرڪ ڊيوٽي سميت مختلف قسم جا ٽيڪس وصول ڪيا پيا وڃن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ بجلي جي مختلف ٽيڪسن جي اوڳاڙي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، بجلي جي بلن ۾ هڪ يونٽ جي فرق تي هزارين رپيا اضافو ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته بجلي جي بلن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ڪري عوام جي زندگي اجڙي وئي آهي، عدالت بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس جي وصولي کي ڪالعدم قرار ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو