پرويز الاهي کي پيش نه ڪرڻ تي توهين جو ڪمشنر کي نوٽيس

پرويز الاهي کي پيش نه ڪرڻ تي توهين جو ڪمشنر کي نوٽيس

لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي صدر پرويز الاهي جي حددخلين جي درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.عدالت چيو ته آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست الڳ الڳ جاري رهندي، پرويز الاهي کي ڪنهن به صورت ۾ گرفتار ۽ نظربند ڪرڻ کان روڪيو، اسلام آباد پوليس پرويز الاهي کي گهر ويندڙ ئي گرفتار ڪيو.لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته سيشن جج اٽڪ اسد علي ڪالهه پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي کي اسلام آباد پوليس اٽڪ جيل پهچڻ کان اڳ ئي کڻي وئي، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو.عدالت چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موجب پرويز الاهي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد آءِ جي سپريم ڪورٽ ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته عدالتي حڪم جي خلاف ورزي تي لاڳاپيل آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، انهن آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي الڳ الڳ جاري رهندي، چيف ڪمشنر اسلام آباد ان عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي، عدالت جي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. آفيسر 7 ڏينهن اندر جواب داخل ڪن.عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل غلام سرور کي مداخلت کان روڪي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ اهو به چيو ته آفيسرن خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، پرويز الاهي جي بازيابي واري درخواست غير موثر ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو