لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقامي وڪيل طرفان درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ عمران خان کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي اڳواڻي ۾ عدليه خلاف منظم مهم هلي رهي آهي، ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ تي ججن خلاف مهم هلائي وئي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد ۾ پيشي تي جيتن سان گڏ عدالتن ۾ پيش ٿيو، سرڪاري عمارتن کي نقصان پهچايو ۽ عدالت ۾ پيشي تي نعرا هڻڻ توهين عدالت آهي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسلام آباد جي جڊيشل ڪمپليڪس تي حملي جي منصوبابندي ڪئي وئي، جنهن جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو، عمران خان عدليه تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪارڪنن کي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ گهرايو، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي. عمران خان خلاف عدالت ڪارروائي ڪري کين جواب ڏيڻ لاءِ عدالت ۾ طلب ڪري.










