لاهور اڄ به آلودگي وارن شهرن مان هڪ تي، تعليمي ادارن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار

لاهور اڄ به آلودگي وارن شهرن مان هڪ تي، تعليمي ادارن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور اڄ به دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ پهرين نمبر تي آهي، جنهن سبب پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. لاهور سميت ٻين شهرن ۾ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪندي پنجاب جي وڏي وزير فصلن جي رهتن کي ساڙڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.انتهائي خراب هوا سبب شهرين جو گهرن مان نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي جڏهن ته اسپتالون مريضن سان ڀريل آهن.طبي ماهرن موجب شهرين ڳلي ۾ سور ۽ اکين ۾ جلن، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي جي شڪايت ڪئي آهي جڏهن ته ٿڌ، فلو، کنگهه ۽ ساهه جي بيمارين ۾ به اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو