لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ جوابدار هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي.پوليس موجب، واقعو لاهور جي مزنگ علائقي ۾ پيش آيو، جتي فائرنگ ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا.پوليس چيو ته فوت ٿيندڙن ۾ 35 سالن جي عائشه، 14 سالن جي مفرا ۽ 12 سالن جو منيب شامل آهن، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ 8 سالن جي مناهل ۽ 18 سالن جي سمنا طور ٿي آهي.پوليس موجب، 45 سالن جي شاهد عورت ۽ سندس ٻن ٻارن کي قتل ڪري خودڪشي ڪئي. لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










