اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ ۽ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير عمران خان جي پرڏيهي سازش ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جي بيان تي بحث ڪيو آهي.هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ فواد چوڌري اعتراف ڪيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي ۾ مداخلت جو لفظ ناهي.هن چيو ته توهان سازش کي ختم ڪريو پر مداخلت جي حد جو پتو لڳايو، مداخلت ۾ ڪهڙا مقامي ڪردار شامل هئا ۽ سفارتخانن ۾ ملاقاتن جو ڪهڙو نمونو هو؟اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير موجب انهن ملاقاتن جا تفصيل ڳجهن ادارن وٽ آهن جيڪي سامهون اچڻ گهرجن، ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ صدر، اسپيڪر سميت چئن ڄڻن کي خط جي ڪاپي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو










