اسلام آباد(ارپورت اياز مهر) وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ عالمي، علائقائي ۽ افغانستان جي صورتحال ۽ اندروني سلامتي جي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. شيخ رشيد موجب ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد بريفنگ ڏني. جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪندو ۽ افغانستان جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي پاڪستان سڌي طرح متاثر ٿيندو ان ڪري افغانستان ۾ استحڪام چاهيون ٿا. مضبوط افغانستان مضبوط پاڪستان لاءِ ضروري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ٽي ٽي پي سان ڳالهين ۾ ٿيل پيش رفت کان به آگاهه ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو افغانستان جي انساني بنيادن تي مدد جاري رکن جيئن ڪو الميو جنم نه وٺي. اجلاس ۾ دفاع، گهرو، اطلاعات جي وفاقي وزيرن، ناڻي ۽ قومي سلامتي بابت مشيرن کانسواءِ ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ ڊي آءِ ايس آءِ فيض حميد به شريڪ ٿيا. هي اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن امريڪا جي نائب وزير خارجا پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ هن اهم ملاقاتون ڪري ورتيون آهن. هن اجلاس بعد آمريڪي وزير آرمي چيف سان ملندي.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ