اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي 13 سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو.غير سرڪاري نتيجن موجب حڪومتي پارٽي ن ليگ کي سرسي ملڻ جو امڪان آھي،هري پور، لاهور، فيصل آباد، ساهيوال، ڊيرا غازي خان، سرگوڌا، ميانوالي ۽ مظفر ڳڙهه ۾ چونڊيون ٿيون جنھن جو چونڊ مواد پهچايو ويو ، 2,792 پولنگ اسٽيشنن مان 408 کي انتهائي حساس ۽ 1,032 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. سيڪيورٽي لاءِ 20,000 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.اين اي 18 هري پور ۾ ضمني چونڊ ۾ نو اميدوار ميدان ۾ آهن. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شهر ناز، مسلم ليگ (ن) جي بابر نواز خان ۽ پيپلز پارٽي جي ارم فاطمه جي وچ ۾ سخت مقابلو متوقع آهي.هي سيٽ 9 مئي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي عمر ايوب کي سزا ۽ نااهل قرار ڏيڻ کان پوءِ خالي ٿي هئي.فيصل آباد جي اين اي 96 واري تڪ ۾ 16 اميدوار مقابلو ڪري رهيا آهن. مسلم ليگ (ن) جو طلال بدر چوڌري 15 آزاد اميدوارن سان مقابلو ڪندو. هي سيٽ پي ٽي آءِ جي راءِ حيدر علي کرل جي نااهلي کان پوءِ خالي ٿي هئي.فيصل آباد جي اين اي 104 واري تڪ ۾ مسلم ليگ ن جي راجا دانيال ۽ 4 آزاد اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. هي سيٽ 9 مئي جي ڪيس ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين حامد رضا جي سزا سبب خالي ٿي هئي.اين اي 185 ڊيرا غازي خان ۾ 8 اميدوار ميدان ۾ آهن، مسلم ليگ ن جي محمود قادر لغاري ۽ پيپلز پارٽي جي سردار دوست محمد کوسا جي وچ ۾ سخت مقابلو متوقع آهي.هي سيٽ 9 مئي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي زرتاج گل وزير جي سزا ۽ نااهلي سبب خالي ٿي هئي.










