ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري جو بيان ۾ چيو آهي ته سڄي قوم ڏسي رهي آهي ته هن قوم جو غدار ڪير آهي اڄ هرڪو ماڻهو ۽ جانور صدر زرداري کي سڃاڻي چڪو آهي هن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان اهڙو ٺيڪو ورتو آهي جيڪو اسان جي حياتيءَ ۾ نه ٿي سگهي پنهنجي ادارن ۽ جنرلن کي هن شخص جي لالچ ۾ تڪراري ٿيڻ نه ڏينداسين اسان جي سپاهين کان وٺي جنرلن تائين سڀ هڪ بهادر ۽ وطن سان پيار ڪندڙ آهن سڄي قوم ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هي شخص جلسو جلوس ڪري رهيو آهي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ رڳو وفاقي حڪومت نظر اچي رهي آهي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جون صوبائي حڪومتون رڳو جلسن جي تيارين ۾ مصروف آهن










