لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم بدمعاشن، ڏوهارين ۽ نااهل ماڻهن جي قبضي ۾ اچي وئي آهي، جن وٽ اخلاقيات نه آهي.عمران خان سوشل ميڊيا تي لکيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي ۽ ملڪ بدترين معاشي بحران ۾ ٻڏي رهيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين لکيو ته اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جو ڌيان صرف وفاق کي ڪچلڻ ۽ دهشت جي راڄ قائم ڪرڻ آهي.عمران خان اهو پڻ لکيو ته وقت اچي ويو آهي سڀ شهري پنهنجو آواز بلند ڪن ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي.










