اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد لانگهو ۾ قبيلائي تڪرار سبب 3 ڳڀرو نوجوان قتل ٿي ويا آهن. ڳوٺ لانگهو جي رهواسي پنهنور برادري سان تعلق رکندڙ، کير کپائي پنهنجي ڳوٺ واپس ايندڙ نوجوانن تي اوچتو شر برادري جي ماڻهن حملو ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. حملي ۾ 2 ڄڻا زخمي به آهن. مقتولن جي سڃاڻپ اسلم پنھور، ايوب پنھور ۽ راڻو پنھور طور ٿي آهي. اطلاع تي ڳوٺاڻا ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي سول اسپتال کڻائي آيا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ قهرام مچي ويو. فوتين جي جنازي نماز ۾ علائقي جي وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن بعد هزارين آلين اکين سان سندن مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن شر برادري جي هٿيار بندن راحب شر، وزير شر ۽ ٻين نوجوانن کي قتل ڪرڻ بعد خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. ضلعو گهوٽڪي ڏوهارين جي ور چڙهيل آهي، جتي پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هر پاسي رت جي هولي نظر پئي اچي.










