قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، 4 ڀتا خور گرفتار

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، 4 ڀتا خور گرفتار

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڀتا خوري مافيا خلاف ڪارروائيون جاري آهن.ايس آءِ يو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 4 ڀتا خورن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ مکيه جوابدار به شامل آهي، جنهن ڀتا خوري لاءِ فون ڪيو هو.ذريعن موجب گرفتار جوابدارن جي موبائل فون مان ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن.جوابدار منگهو پير ۾ ڪار شو روم ۽ ماربل فيڪٽري جي مالڪ کان ڀتا خوري جو مطالبو ڪيو هو، فون ڪال هڪ بين الاقوامي نمبر تان ڪئي وئي هئي.ماربل فيڪٽري جي مالڪ کي 100 ملين رپين جي پرچي ۽ ٻه گوليون موڪليون ويون. شو روم جي مالڪ کي 50 لک رپين جي پرچي پڻ ملي.50 لک رپين جي ڀتا خوري نه ڪرڻ تي شو روم جي مالڪ جي ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو