قائم مقام گورنر سنڌ سان پختون وفد جي ملاقات

قائم مقام گورنر سنڌ سان پختون وفد جي ملاقات

ڪراچي : ( رپورٽر ) قائم مقام گورنر سنڌ آغا سراج دراني سان پختون برادري جي 19 رڪني وفد ۾ شفيي الله جي سربراھي ۾ ملاقات ڪئي ۽ حيدرآباد واقعي ۽ ان کانپوء پيدا ٿيل صورتحال تي مڪمل ڳالھ ٻول ڪئي ان موقعي تي قائم مقام گورنر سنڌ آغا سراج دراني چيو ته سنڌ صوفين ۽ اوليائـن جي ڌھرتي آهي سنڌ ۾ راھندڙ تمام قومون آباد آھن انهن ۾ پختون برادري به سنڌ ۾ مختلف ڪاروبار سان جوڙيل آهن جنهن سان صوبي جي معشيت کي وڌيڪ مضبوطي ملي ٿي آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته ڪجھ شر پسندن عناصرن پاران صوبي ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي سازش ڪري رھيا آهن ڪنهن به انسان جو قتل ھڪ انتھائي افسوس ناڪ آهي ۽ قابل مذمت به ان طرح سان ڪنهن کي به نقصان پھچائڻ ۽ جلاو گھراو به قابل مذمت عمل آهي آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ راھندڙ سمورن قومن کي اپيل ڪئي آهي ته اھي تحمحل ۽ برداشت جو مظاھرو ڪن ۽ فالتو افواھن تي ڪن نه ڏين حڪومت امن امان کي برقرار رکڻ لاء ھر ممڪن قدم کڻي سگھي ٿي ان موقعي تي پختون برادري جي وفد قائم مقام گورنر سنڌ کي صوبي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۽ ھر ممڪن تعاون جي يقين دھاني ڪرائيندي چيو ته پختون برادري امن پسند آهي ۽ صوبي سنڌ کي پنهنجو گھر سمجھي ٿي وفد ۾ شفيع الله چيو ته صوبي سنڌ ۾ امن جي خلاف ڪنهن کي به سازش ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا سون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو