فيٽف اعلان جي آجيان، وزيراعظم جي قوم کي مبارڪباد

فيٽف اعلان جي آجيان، وزيراعظم جي قوم کي مبارڪباد

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي پاڪستان طرفان سموريون شرطون پوريون ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي ۽ قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته الحمد لله وائيٽ لسٽ ۾ واپسي پاڪستان جي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، سمورن سرڪاري ادارن، شخصيتن ۽ لاڳاپيل ٽيم کي مبارڪون هجن، اوهان جون ڪوششون رنگ لاهينديون. مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان قائم ڪيل ”بنيادي سيل“ جون ڪوششون، فوجي ۽ سول قيادت ۽ ان ۾ شامل ٽيم ساراهه جوڳيون آهن، ان جو ڪريڊٽ انهن ماڻهن کي وڃي ٿو جيڪي هن قومي جدوجهد لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن، سموري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ايف اي ٽي ايف جو بيان پاڪستان جي عالمي وقار جي بحالي جو اعتراف آهي، انشاءَ الله اهڙيون وڌيڪ خوشخبريون ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جو مقدر هونديون.هن چيو ته وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي به معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ساڳئي جذبي سان پاڪستان جي معاشي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو