اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران صدر ۽ فيلڊ مارشل اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير صدر سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾، فيلڊ مارشل صدر کي ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، فيلڊ مارشل کيس افغان طالبان حڪومت جي جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ تازي سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، فيلڊ مارشل کيس افغان طالبان حڪومت جي جارحاڻي ڪارروائي جي جواب ۾ پاڪستاني فوج جي محتاط ۽ اثرائتي ڪارروائي بابت پڻ آگاهه ڪيو، بيان موجب، صدر پاڪستان فوج جي طاقت، جرئت، صلاحيت ۽ تياري تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر ملڪ جي سرحدن جي دفاع ۾ پاڪستاني فوج جي چوکسي ۽ مهارت جي تعريف ڪئي، صدر افغان سرحد تي سرحد پار حملن جو فوري ۽ پيشه ورانه جواب ڏيڻ ۾ پاڪستاني فوج جي مهارت جي تعريف ڪئي،صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.










